سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جو لکيل آهي، جيڪو هن پي. ايڇ. ڊي ڊگري لاءِ مقالي جي صورت ۾ لکيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايو ويو. هيءُ ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پهرين ۾ انساني سماج ۽ ان جي پس منظر ۽ جوڙ جڪ، ٻوليءَ جي وصف ۽ ڪارج ۽ ثقافت تي بحث ڪيل آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي سماجي اڀياس متعلق، ڀاڱي ٽئين ۾ روز مره استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ڇنڊڇاڻ، ڀاڱي چوٿين ۾ اشارن واري ٻوليءَ جو اڀياس ۽ ڀاڱي پنجين ۾ ٻوليءَ جي سماج ۽ معنوي حيثيت تي بحث ۽ محقق جي اظهارن جي ذريعن جو ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب جو موضوع فلسفياڻو، منجهائيندڙ، گهرو، تورتڪ جي سائنسي پئمانن تي مشتمل آهي، ليکڪ اوترو ئي هن ڪتاب ۾ موضوع جي متعلق گهرا ويچار ڏنا آهن. 257 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي، جنهن کي سنڌالاجيءَ 1979ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2012ع ۾ به ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو